ڪشمور: بخشاپور ڀرسان 3 معصوم نينگريون واهه ۾ ٻڏي فوت، علائقي ۾ سوڳ

1 Min Read

ڪشمور (شيرباز کوسو) بخشاپور ڀرسان ٽي معصوم نينگريون ٻڏي فوت ٿي ويون آهن.

سنڌ-بلوچستان سرحدي پٽي جي ڳوٺ نوازالدين جکراڻي ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي واهه ۾ ٻڏي ٽي معصوم نينگريون فوت ٿي ويون.

فوت ٿيل نينگرين ۾ 11 ورهين جي حضور بي بي، 12 ورهين جي مکڻي ۽ 13 ورهين جي بگهي شامل آهن.

واقعي کان پوءِ علائقي واسين پنهنجي مدد پاڻ تحت واهه ۾ ڳولا شروع ڪئي، لڳ ڀڳ ٻن ڪلاڪن جي ڪوششن بعد ٽنهي نينگرين جا لاش واهه مان ڪڍيا ويا.

نينگرين جا مڙهه گهرن ۾ پهچائڻ تي وارثن ۾ روڄ راڙو مچي ويو، جڏهن ته علائقي ۾ ڏک ۽ سوڳ جي لهر پکڙجي وئي.

Share This Article
Leave a Comment