ڪراچي ۾موبائيل شاپ تي هٿياربند جي ڪاهه، لکين رپين جا فون ڦر

1 Min Read

ملير ( رپورٽ: شاهد ڇڄڙو ) ملير جي علائقي گلشن حديد فيز ون ۾ ڏينهن ڏٺي جو هٿياربند ڦورن هڪ موبائيل شاپ تي ڌاڙو هڻي لکين رپين ماليت جا موبائيل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا.

پوليس موجب، موٽرسائيڪل سوار چار هٿياربند جوابدار هٿيارن جي زور تي دڪان ۾ داخل ٿيا ۽ لکين رپين جا موبائيل فون ۽ نقد رقم ڦرڻ بعد آساني سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

واقعي جي اطلاع ملڻ تي اسٽيل ٽائون پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ واقعي بابت جاچ شروع ڪري ڇڏي.

دڪان جي مالڪ ڪرن ڪمار جو چوڻ آهي ته شهر ۾ ڦرون، چوريون ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻجي چڪا آهن، جڏهن ته پوليس امن امان قائم رکڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي.

هن چيو ته هٿياربند ڦورو ڏينهن ڏٺي جو وارداتون ڪري بنا ڪنهن خوف جي فرار ٿي وڃن ٿا. دڪان مالڪ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ڦر ٿيل موبائيل فون ۽ روڪ رقم واپس ڪرائي وڃي ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري قانون موجب سزا ڏني وڃي.

Share This Article
Leave a Comment