گمبٽ ( رپورٽ: ممتاز ميمڻ ) اسسٽنٽ ڪمشنر گمبٽ صلاح الدين گهمرو خوراڪ کاتي جي عملدارن سان گڏجي تعلقي جي مختلف علائقن ۾ غيرقانوني طور ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙ واپارين خلاف وڏي پيماني تي ڪريڪ ڊائون ڪيو، جنهن دوران 12 گودامن کي سيل ڪري هزارين ڪڻڪ جا ڪٽا پنهنجي قبضي ۾ ورتا ويا.
اسسٽنٽ ڪمشنر صلاح الدين گهمرو موجب، سنڌ حڪومت جي حڪمن ۽ ڪمشنر سکر جي هدايتن تي خوراڪ کاتي جي ٽيم سان گڏ مختلف گودامن تي ڇاپا هنيا ويا، جتي غيرقانوني طور ذخيرو ڪيل ڪڻڪ هٿ آئي. هن ٻڌايو ته ضبط ڪيل ڪڻڪ کي سرڪاري گودامن ۾ منتقل ڪيو ويندو ۽ سرڪاري اگهه موجب واپارين کي ادائيگي ڪئي ويندي.
هن وڌيڪ چيو ته حڪومت جي هدايتن تحت ڪڻڪ کي غيرقانوني طور ذخيرو ڪرڻ يا بغير اجازت هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ منتقل ڪرڻ تي پابندي لاڳو آهي.
اسسٽنٽ ڪمشنر خبردار ڪيو ته جيڪي واپاري سرڪاري حڪمن تي عمل نه ڪندا، انهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. هن واپارين کي اپيل ڪئي ته هو خوراڪ کاتي ۽ ضلعي انتظاميا سان مڪمل سهڪار ڪن، ٻي صورت ۾ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي.


