گمبٽ: ڪمال ديرو مان اغوا ٿيل نوجوان نديم عباسي ڪيلي جي فصل مان بازياب

1 Min Read

گمبٽ ( رپورٽ: ممتاز ميمڻ ) گمبٽ ڀرسان بهارو ٿاڻي جي حد مان ڪجهه ڏينهن اڳ نامعلوم هٿياربندن هٿان اغوا ٿيل نوجوان نديم عباسي کي بهارو ۽ خيرپور پوليس جي گڏيل ڪارروائي دوران باحفاظت بازياب ڪرائي ورتو.

پوليس موجب، ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي جي هدايتن تي ايس ايڇ او بهارو غلام محمد رند پوليس ٽيم سان گڏ ڪارروائي ڪئي.

پوليس کي اطلاع مليو ته مغوي نديم عباسي ڪيلي جي فصل واري زمين ۾ موجود آهي، جنهن تي پوليس فوري طور واقعي واري هنڌ پهچي سرچ آپريشن شروع ڪيو. ڪارروائي دوران مغوي کي باحفاظت بازياب ڪرائي ورتو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي، جڏهن ته اغوا ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا ۽ ڪارروايون تيز ڪيون ويون آهن.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ نديم عباسي کي ڪمالديرو ويجهو هٿياربندن اغوا ڪري ورتو هو، جنهن بعد سندس وارثن احتجاج ڪندي مغوي جي بازيابي جو مطالبو ڪيو هو. پوليس جي تازي ڪارروائي کانپوءِ نوجوان کي محفوظ طور آزاد ڪرايو ويو آهي.

Share This Article
Leave a Comment