خيرپور-لاڙڪاڻو روڊ تان ٽريڪٽر ڊرائيور اغوا، ڊرائيورن جو احتجاج

1 Min Read

خيرپور: (شڪيل جانوري) خيرپور-لاڙڪاڻو روڊ تي اڻڄاتل هٿياربندن ٽريڪٽر ڊرائيور انيل لاشاري کي اغوا ڪري ورتو، جنهن خلاف ڊرائيورن سخت احتجاج ڪيو.

مليل ڄاڻ موجب ٽريڪٽر خيرپور جي جابلو علائقي مان پٿر کڻي لاڙڪاڻي وڃي رهيو هو، ته رستي ۾ هٿياربندن ڊرائيور کي اغوا ڪري ورتو.

واقعي کانپوءِ ڊرائيورن احتجاج ڪندي مغوي جي جلد بازيابي جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته شاهراهه تي امن امان جي صورتحال بهتر بڻائي وڃي.

Share This Article
Leave a Comment