گمبٽ ۾ پي ايس ٽي، جي اي ايس ٽي ويٽنگ اميدوارن جو احتجاج

1 Min Read

گمبٽ: (ممتاز ميمڻ) پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي پاس ويٽنگ اميدوارن گمبٽ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري حڪومت کان فوري طور مقرري جا آرڊر جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته هو ڪافي عرصي کان پنهنجن جائز مطالبن لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن، پر سنڌ حڪومت سندن مطالبا مڃڻ لاءِ تيار ناهي. هنن الزام هنيو ته حڪومت پاران جوڙيل ڪاميٽي به ويٽنگ اميدوارن لاءِ ڪو به عملي قدم نه کنيو آهي، جڏهن ته تعليم کاتي جو وزير ڪاميٽي کي گمراهه ڪري رهيو آهي.

مظاهرين وڌيڪ چيو ته جسٽس صلاح الدين پنهور پنهنجي فيصلي ۾ ويٽنگ پاس اميدوارن کي فوري طور مقرري جا آرڊر جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، پر سنڌ جو تعليم کاتو اڃا تائين ان فيصلي تي عمل ڪندي آرڊر جاري نه ڪري سگهيو آهي.

احتجاج ڪندڙن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته عدالتي فيصلي تي عمل ڪندي ويٽنگ اميدوارن کي بنا دير مقرري جا آرڊر جاري ڪيا وڃن.

Share This Article
Leave a Comment