ملير (شاهد ڇڄڙو) گڏاپ ٿاڻي جي حد اندر هندو واپاري جي گهر ۾ هٿياربندن پاران ڪروڙين رپين جو ڌاڙو هنيو ويو آهي.
متاثر واپاري ڌرم داس ڪرپلاڻي موجب 8 هٿياربند ڦورو هٿيارن جي زور تي گهر ۾ داخل ٿيا، گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي 170 تولا سون، چاندي ۽ لکين رپين جي روڪ رقم کڻي فرار ٿي ويا.
ڌرم داس جو چوڻ آهي ته ڦورن گهر ڀاتين تي تشدد پڻ ڪيو، جڏهن ته واقعي جو اطلاع ڏيڻ باوجود گڏاپ پوليس نه پهتي.
واقعي جي اطلاع تي منارٽي ونگ اڳواڻ مکي اوڌامل سميت هندو برادري جا ماڻهو واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ پوليس کان ڪارروائي جو مطالبو ڪيو.


