گمبٽ ڀرسان هفتي اندر هڪ ئي خاندان جا 3 معصوم ٻار پراسرار بيماري وگهي فوت

2 Min Read

گمبٽ (ممتاز ميمڻ) گمبٽ ڀرسان وڏا مهيسر ۾ هڪ ئي خاندان جا ٽي معصوم ٻار پراسرار بيماري سبب هڪ هفتي اندر فوت ٿي ويا، جنهن کانپوءِ علائقي ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.

احمدپور ڀرسان وڏا مهيسر جي سومرا محلي ۾ رهندڙ هڪ ئي خاندان جا ٻارڙا 30 ڏينهن جو غلام مصطفيٰ ولد وحيد سومرو، ٻن هفتن جو ڪبير ولد قدير سومرو ۽ نثار سومرو جي ٻن ڏينهن جي تازي ڄاول نياڻي فوت ٿي ويا.

وارثن جو چوڻ آهي ته ٽئي ٻار هڪ ٻئي پٺيان بيمار ٿيا، جن کي گمبٽ جي سرڪاري ۽ نجي اسپتالن ۾ داخل ڪرايو ويو، پر علاج دوران سندن فوت ٿي ويا. وارثن موجب ڊاڪٽرن کين بيماري جو سبب به نه ٻڌايو.

فوتي ٻارڙن جي وارثن صحت کاتي کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جو نوٽيس وٺي پراسرار بيماري جي جاچ ڪرائي وڃي، جيئن ٻين معصوم ٻارڙن جون زندگيون بچائي سگهجن.

هوڏانهن صحت مرڪز وڏا مهيسر جي ڊاڪٽر ۽ ٽي ايڇ او هيلٿ ڪنگري تصديق ڪئي آهي ته سومرا برادري جا ٽي ٻار گمبٽ جي اسپتالن ۾ فوت ٿيا آهن.

علائقي واسين صحت کاتي کان مطالبو ڪيو آهي ته جلد طبي ٽيم موڪلي بيماري جي اصل سبب جو پتو لڳايو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment