پشاور: خيبرپختونخوا ۾ تيز برساتن، طوفاني هوائن ۽ فلش فلڊ مختلف علائقن ۾ تباهي مچائي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 12 ڄڻا فوت ۽ 15 زخمي ٿي پيا.
صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) موجب فوت ٿيلن ۾ 6 مرد، 5 ٻار ۽ هڪ عورت شامل آهن، جڏهن ته زخمين ۾ 8 مرد، 2 عورتون ۽ 5 ٻار شامل آهن. برساتن ۽ فلش فلڊ سبب صوبي ۾ مجموعي طور 14 گهر پڻ متاثر ٿيا آهن.
پي ڊي ايم اي جي ترجمان موجب حادثا پشاور، خيبر، مردان، بونير، باجوڙ، لوئر چترال، ايبٽ آباد، مانسهره، توغر ۽ ڪرم ضلعن ۾ پيش آيا، جتي پي ڊي ايم اي، ريسڪيو 1122، ضلعي انتظاميا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن پاران امدادي ۽ بچاءَ جون سرگرميون جاري آهن.
پي ڊي ايم اي متاثر ضلعن جي انتظاميا کي هدايت ڪئي آهي ته امدادي ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪيون وڃن ۽ متاثر خاندانن کي جلد کان جلد رليف سامان ۽ هر ممڪن سهائتا فراهم ڪئي وڃي. ان سان گڏ شهرين کي به خراب موسم دوران احتياط ڪرڻ ۽ غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي آهي.


