ڀاڙي مان 10 رپيا گهٽ ڏيڻ تان رڪشي سوار عورت جي تذليل، تشدد، رتورت

1 Min Read

ڄامشورو (رپورٽ: باسط ملاح): ڄامشورو کان ڪوٽڙي ويندڙ رڪشا روٽ تي هڪ عورت سان مبينا طور تشدد جو واقعو پيش آيو. متاثر عورت ممتاز خاصخيلي الزام لڳايو آهي ته رڪشا جو ڀاڙو 10 رپيا گهٽ هجڻ تي ڊرائيور کيس گاريون ڏنيون ۽ تشدد ڪيو، جنهن سبب هوءَ زخمي ٿي پئي.

متاثر عورت موجب واقعي کانپوءِ رڪشا ڊرائيور فرار ٿي ويو، جڏهن ته هن زخمي حالت ۾ ميڊيا آڏو پهچي ذميوار ڊرائيور خلاف قانوني ڪارروائي ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو.

عورت اعليٰ اختيارين کان اپيل ڪئي آهي ته جوابدار کي جلد گرفتار ڪري قانون موجب سزا ڏني وڃي، جيئن مستقبل ۾ اهڙا واقعا ٻيهر پيش نه اچن.

Share This Article
Leave a Comment