نوشهروفيروز: نيشنل هاءِ وي تي ڊوم ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، 5 ڄڻا سخت زخمي

1 Min Read

نوشهروفيروز/هالاڻي: (محمد عادل عباسي) هالاڻي ڀرسان نيشنل هاءِ وي تي پنجاب کان ڪراچي ويندڙ هڪ ڊوم اوور ٽيڪ دوران سامهون ايندڙ ٽرالر سان ٽڪرائجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽي عورتون ۽ ٻه مرد سخت زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ڊوم جو ڊرائيور به زخمي ٿيو.

زخمين ۾ آغاخاني اسماعيلي، الطاف، سلميٰ نوشاد، امينه ۽ مس نسيم شامل آهن. کين ريسڪيو اهلڪارن ۽ پوليس جي مدد سان ترت رورل هيلٿ سينٽر هالاڻي منتقل ڪيو ويو، جتي سندن علاج جاري آهي.

حادثي کانپوءِ ٽرالر جو ڊرائيور گاڏي ڇڏي فرار ٿي ويو، جڏهن ته پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

شروعاتي ڄاڻ موجب حادثو اوور ٽيڪ ڪرڻ دوران پيش آيو، جڏهن ته پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.

Share This Article
Leave a Comment