گورنر سنڌ هالا پهتو، درگاهه سرور نوح ۽ مخدوم شاهنواز جي مزار تي حاضري

1 Min Read

هالا: (عامر علي انڙ) سنڌ جي گورنر سيد نهال شاهه هاشمي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس مبارڪ جو افتتاح ڪرڻ کانپوءِ هالا پهتو، جتي هن درگاهه سرور نوح جي مزار تي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي.

ان کانپوءِ گورنر سنڌ پاڪستان مسلم ليگ (ن) سنڌ جي اڳوڻي صدر ۽ ناليواري سياستدان مرحوم مخدوم شاهنواز جي مزار تي حاضري ڀري، گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي.

ان موقعي تي سيد نهال شاهه هاشمي چيو ته مرحوم مخدوم شاهنواز بااصول، مدبر ۽ عوام دوست سياستدان هو، جنهن پنهنجي سڄي سياسي زندگي عوام جي خدمت، جمهوري قدرن جي واڌاري ۽ سنڌ جي ترقي لاءِ وقف ڪري ڇڏي.

هن چيو ته مرحوم جون سياسي، سماجي ۽ عوامي خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون ۽ سندن شخصيت ايندڙ نسلن لاءِ مشعلِ راهه آهي.

گورنر سنڌ دعا گهري ته الله تعاليٰ مرحوم مخدوم شاهنواز کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سندن پونيئرن کي صبر جميل نصيب ڪري.

ان موقعي تي کيئلداس ڪوهستاني، مخدوم علي رضا، سورٺ ٿيٻو، نصير احمد ميمڻ، خالد عزيز آرائين ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ موجود هئا.

Share This Article
Leave a Comment