حيدرآباد (ذاڪر لغاري) حيدرآباد جي تعلقي قاسم آباد جي اين بي ڪالوني وٽ ڪار سوار جي مبينا ٽڪر سبب ٻه نوجوان سخت زخمي ٿي پيا.
ذريعن موجب ڪار سوار نوجوانن کي ٽڪر هڻڻ کانپوءِ مبينا طور گاڏي نه روڪي، جنهن دوران ٻنهي نوجوانن کي وڌيڪ نقصان پهتو.
واقعي کانپوءِ شهرين مبينا ڪار سوار کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو، جڏهن ته زخمي نوجوانن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندن علاج جاري آهي.
ڄاڻ موجب، پوليس مبينا طور جوابدار کي حراست ۾ وٺڻ کانپوءِ آزاد ڪري ڇڏيو، جنهن جي پوليس طرفان في الحال تصديق يا ترديد سامهون ناهي آئي.
شهرين واقعي جي شفاف جاچ ۽ زخمي نوجوانن کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.


