اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مڪي دفاعي معاهدي جو مقصد ڪنهن به صورت ۾ جارحيت ناهي، پر پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي وچ ۾ علائقي ۾ امن، سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ آهي.
وفاقي ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مڪي معاهدو پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ اڳ ۾ موجود دفاعي سهڪار جي توسيع آهي، جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ گذريل سال به دفاعي معاهدو ٿي چڪو آهي.
وزيراعظم چيو ته پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي وچ ۾ ٽه ملڪي دفاعي معاهدو اڳ ۾ موجود تعاون جو تسلسل آهي، جڏهن ته پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ ڏهاڪن کان دفاعي ۽ اسٽريٽجڪ سهڪار جاري آهي.
شهباز شريف حرمين شريفين جي تحفظ کي پاڪستاني عوام ۽ هٿياربند فوجن لاءِ اهم ذميواري ۽ فريضو قرار ڏنو.
ذريعن موجب وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ٽه ملڪي دفاعي معاهدي کي تاريخي معاهدو قرار ڏنو ويو.
وزيراعظم آزاد ڪشمير جي صورتحال بابت ڳالهائيندي چيو ته آزاد ڪشمير جي عوام مسلم ليگ ن کي ووٽ ڏنو آهي ۽ اهو ووٽ نواز شريف تي اعتماد جو اظهار آهي.
هن چيو ته هو آزاد ڪشمير جي عوام پاران اعتماد جي اظهار تي ٿورائتو آهي. وزيراعظم الزام لڳايو ته ڪجهه عنصرن ڄاڻي واڻي آزاد ڪشمير جون حالتون خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته مسئلن جو حل ڳالهين ذريعي ئي ممڪن آهي.
دهشتگردي خلاف جنگ بابت وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ملڪ جي بهادر سپوتن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن.


