شڪارپور (عتيق ڌڪڙ): شڪارپور شهر ۽ ڀرپاسي ۾ ٻن مختلف هنڌن تان ٻن اڻسڃاتل ماڻهن جا لاش هٿ آيا آهن.
نيو فوجداري ٿاڻي جي حد داون شاهه پاڙي مان هڪ پيرسن شخص جو لاش مليو. علائقي واسين جي اطلاع تي ايڌي رضاڪارن واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو.
پوليس موجب فوتي پيرسن جي سڃاڻپ اڃا تائين نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته واقعي ۽ لاش جي سڃاڻپ بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.
هوڏانهن سلطان ڪوٽ ڀرسان ابدال شاخ مان پڻ هڪ شخص جو لاش هٿ آيو آهي، اطلاع ملڻ تي پوليس شاخ تي پهچي لاش ڪڍرائي ايڌي رضاڪارن حوالي ڪيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته لاش مڇي جي ڄار ۾ ڦاٿل هو، جنهن سبب سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.
پوليس موجب لاش ڪنهن خواجا سرا جو لڳي رهيو آهي، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.


