پيٽرول ڊيلرز جو حڪومت کي 72 ڪلاڪن جو الٽي ميٽم، مطالبا منظور نه ٿيا ته پيٽرول پمپ بند ڪرڻ جو اعلان

2 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن حڪومت کي مطالبن جي منظوري لاءِ 72 ڪلاڪن جو الٽي ميٽم ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته مطالبا منظور نه ٿيڻ جي صورت ۾ ملڪ گير پيٽرول پمپ بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي.

پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين ملڪ خدا بخش جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ روزاني بنياد تي تبديلي سبب ڊيلرز جي ڪاروبار تي منفي اثر پئجي رهيو آهي. ڊيلرز جو مطالبو آهي ته سندن مارجن وڌائي 8 سيڪڙو ڪيو وڃي.

ايسوسيئيشن موجب حڪومت سان مختلف مرحلن ۾ ڳالهيون ٿي چڪيون آهن، پر اڃا تائين مطالبن تي ڪو حتمي اتفاق نه ٿي سگهيو آهي. ڊيلرز جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن 72 ڪلاڪن اندر حڪومت سندن مطالبن تي فيصلو نه ڪيو ته ملڪ جي پيٽرول پمپن کي بند ڪرڻ تي مجبور ٿيندا.

ڊيلرز طرفان روزاني پيٽروليم قيمتن جي نظرثاني واري نظام تي به اعتراض ڪيو ويو آهي. ايسوسيئيشن جو موقف آهي ته روزاني قيمتن ۾ تبديلي سان ڪاروباري منصوبابندي ۽ اسٽاڪ جي قيمت بابت غيريقيني صورتحال پيدا ٿي رهي آهي. تازي رپورٽن موجب ڊيلرز پيٽروليم قيمتن جي تعين واري پاليسي تي نظرثاني جو مطالبو پڻ ڪري رهيا آهن.

پيٽروليم ڊيلرز جو وڌيڪ مطالبو آهي ته پاليسي ساز ڪميٽي ۾ سندن نمائندو شامل ڪيو وڃي، جڏهن ته موجوده Evaluation System واپس وٺڻ جو مطالبو پڻ سامهون آيو آهي.

ٻئي طرف ملڪ ۾ آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ اونرز ايسوسيئيشن جي ڦيٿا جام هڙتال پڻ جاري آهي، گڊز ٽرانسپورٽرن جو چوڻ آهي ته حڪومت سان ڳالهين باوجود سندن مطالبن تي اڃا تائين ڪو حتمي حل سامهون نه آيو آهي، تنهنڪري مطالبا منظور ٿيڻ تائين هڙتال ختم نه ڪئي ويندي. تازي رپورٽن موجب حڪومت ۽ ٽرانسپورٽرن وچ ۾ ڳالهين جو هڪ دور به بنا ڪنهن حتمي اتفاق جي ختم ٿيو.

Share This Article
Leave a Comment