آمريڪا ۽ ايران امن معاهدي يا ڊيل جي ويجهو پهچي ويا آهن: خواجا آصف

2 Min Read
Pakistan's Foreign Minister Khawaja Muhammad Asif speaks during a joint press conference with China's Foreign Minister Wang Yi and Afghanistan's Foreign Minister Salahuddin Rabbani after the first China-Afghanistan-Pakistan Foreign Ministers' Dialogue in Beijing on December 26, 2017. / AFP PHOTO / Nicolas ASFOURI

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن معاهدي يا ڪنهن قسم جي ڊيل جا امڪان وڌي ويا آهن.

بلومبرگ کي ڏنل انٽرويو ۾ خواجا آصف چيو ته گذريل ٻن کان ٽن ڏينهن دوران ملندڙ سفارتي اشارن مان ظاهر ٿئي ٿو ته آمريڪا ۽ ايران ڪنهن نه ڪنهن قسم جي مفاهمت يا معاهدي جي ويجهو پهچي چڪا آهن.

سندس چوڻ هو ته موجوده صورتحال هڪ ڀيرو ٻيهر امن معاهدي جي حق ۾ ٺهندي نظر اچي رهي آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪنهن ڊيل تائين پهچڻ جا امڪان اڳ کان وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن.

رپورٽن موجب آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين ۾ پاڪستان ۽ قطر وچولي جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، جڏهن ته آبنائي هرمز کي کولڻ ۽ سامونڊي آمدرفت بحال ڪرڻ بابت ڳالهين ۾ به اڳڀرائي جا اشارا ملي رهيا آهن.

ذريعن موجب آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ سڌيون ڳالهيون بدران وچولي ڌرين ذريعي پيغامن جي ڏي وٺ جاري آهي. ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڪجهه اهم معاملن تي اختلاف اڃا به موجود آهن، تنهنڪري حتمي معاهدي بابت في الحال ڪو باضابطه اعلان سامهون ناهي آيو.

خواجا آصف جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن معاهدو طئي ٿي وڃي ٿو ته ان سان نه رڳو خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽجڻ جا امڪان پيدا ٿيندا، پر عالمي توانائي مارڪيٽ ۽ سامونڊي واپار تي به مثبت اثر پئجي سگهي ٿو.

Share This Article
Leave a Comment