سال 2026ع جو ٻيو سج گرهڻ اڄ ٿيندو، ڪٿي ڪٿي نظارو ممڪن؟

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سال 2026ع جو ٻيو سج گرهڻ اڄ ٿيندو. گرهڻ جو مڪمل مرحلو گرين لينڊ، آئس لينڊ، اتر اسپين ۽ پرتگال جي ڪجهه علائقن مان ڏسي سگهجي ٿو، جڏهن ته برطانيا ۽ آئرلينڊ ۾ جزوي سج گرهڻ نظر ايندو.

ياد رهي ته يورپ جي مکيه زميني حصي ۾ 1999ع کانپوءِ پهريون ڀيرو مڪمل سج گرهڻ ڏسڻ ۾ ايندو. اسپين جي اترين علائقن ۾ سج گرهڻ جو مڪمل مرحلو سج لهڻ کان اڳ نظر ايندو.

سج گرهڻ دوران چنڊ سج کي مڪمل طور ڍڪي ڇڏيندو، جنهن سان ڪجهه علائقن ۾ ٿوري دير لاءِ ڏينهن جي روشني گهٽجي ويندي. گرهڻ جو مڪمل مرحلو وڌ ۾ وڌ لڳ ڀڳ 2 منٽ 18 سيڪنڊن تائين جاري رهندو.

پاڪستان ۾ هي سج گرهڻ نظر نه ايندو. پاڪستاني وقت موجب گرهڻ جو عالمي مرحلو رات جي وقت ٿيندو، تنهنڪري ملڪ مان ان جو مشاهدو ممڪن نه هوندو.

Share This Article
Leave a Comment