ڪشمور: (ويب ڊيسڪ) گيهل شاخ ۾ ٻه معصوم ڀينرون پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويون. خانداني ذريعن موجب فوت ٿيل ڀينرن جي سڃاڻپ نصيبان کوسو ۽ عجيبان کوسو طور ٿي آهي.
خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڀينرن جا پير ترڪڻ سبب هو شاخ ۾ ڪري ٻڏي ويون.
واقعي بعد وارثن ۽ علائقي واسين ۾ ڏک جي لهر ڇانئجي وئي، جڏهن ته ٻڏل ڀينرن جي لاشن جي ڳولا جاري آهي.


