نظام ٺيڪ ڪرڻ لاءِ خرچ کپي: واٽر ڪارپوريشن پاڻي ۽ سيوريج جا اگهه 7 سيڪڙو وڌائي ڇڏيا

1 Min Read

ڪراچي: (رپورٽر) سنڌ حڪومت ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي پاڻي ۽ نيڪال جي نظرثاني ٿيل اگهن جي منظوري ڏئي ڇڏي. نئين اگهن ۾ مالي سال 2026-27 لاءِ 7.05 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، اگهه پهرين جولاءِ کان لاڳو هوندا.

نظرثاني ٿيل اگهن ۾ رهائشي پلاٽن لاءِ پاڻي ۽ نيڪال جا ماهوار چارجز پلاٽ جي ايراضي موجب مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته مختلف ڪاروباري مرڪزن ۽ دڪانن لاءِ مقرر ماهوار اگهه به رکيا ويا آهن.

واٽر ڪارپوريشن موجب اگهن ۾ واڌ جو مقصد اداري جي آمدني وڌائڻ ۽ شهر ۾ پاڻي جي فراهمي، نيڪال واري نظام جي سار سنڀال ۽ مرمت لاءِ مالي وسيلا بهتر ڪرڻ آهي. قانون موجب واٽر ڪارپوريشن کي هر سال اگهن ۾ 7 سيڪڙو تائين واڌ جي اجازت آهي.

Share This Article
Leave a Comment