ايڇ آءِ وي ڦهلجڻ جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪرڻ جو حڪم

2 Min Read

ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ ايڇ آءِ وي ڦهلجڻ واري ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي چيف سيڪريٽري سنڌ جي سربراهي ۾ بااختيار اعليٰ سطحي جاچ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت ڪميٽي کي ٻن مهينن اندر تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڪميٽي ۾ گريڊ 20 جا ٻه سينيئر آفيسر پڻ شامل هوندا. ڪميٽي متاثر ٻارن جو اصل انگ، ايڇ آءِ وي منتقل ٿيڻ جا سبب ۽ سرنجن جي ٻيهر استعمال واري معاملي جي جاچ ڪندي.

عدالت متاثر ٻارن کي سنڌ حڪومت ۽ سوشل سيڪيورٽي اداري (SESSI) طرفان مفت طبي علاج فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته چيف سيڪريٽري کي متاثر ٻارن ۽ سندن خاندانن لاءِ مالي مدد ۽ معاوضي وارو عمل تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.

فيصلي ۾ متاثر ٻارن ۽ سندن خاندانن سان ڪنهن به قسم جو فرق وارو رويو نه رکڻ ۽ سندن رازداري برقرار رکڻ جو به حڪم ڏنو ويو.

ٻئي طرف ٻڌڻي دوران بدتميزي ۽ نعريبازي تي درخواست گذار جي وڪيل طارق منصور کي توهين عدالت جو شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو. عدالت سي سي ٽي وي فوٽيج محفوظ ڪرڻ ۽ بدنظمي ۾ ملوث ماڻهن خلاف قانون موجب ڪارروائي جي پڻ هدايت ڪئي.

Share This Article
Leave a Comment