فنڪشنل ليگ کي 16 آگسٽ تي جلسي جي اجازت نه ملي، هنگامي اجلاس طلب

1 Min Read

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان مسلم ليگ (فنڪشنل) سنڌ حڪومت پاران 16 آگسٽ تي شاهراهه قائدين تي جلسي جي اجازت نه ڏيڻ کي ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ قرار ڏئي ڇڏيو.

فنڪشنل ليگ ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻ سردار عبدالرحيم چيو آهي ته ٻين سياسي جماعتن کي جلسن جي اجازت ڏني وڃي ٿي، پر فنڪشنل ليگ کي روڪڻ مذمت جوڳو آهي.

هن چيو ته جلسو ڪراچي جي بدحالي اجاڳر ڪرڻ لاءِ ڪيو پئي ويو.

فنڪشنل ليگ ڪراچي ڊويزن جو هنگامي اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 16 آگسٽ واري جلسي بابت صورتحال ۽ ايندڙ حڪمت عملي تي غور ڪيو ويندو.

Share This Article
Leave a Comment