Focus with Zardari

ملڪ ۾ 79هون جشنِ آزادي قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي

3 Min Read

ڪراچي/لاهور/اسلام آباد:ملڪ ۾ اڄ 79هون جشنِ آزادي قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، ڏينهن جي شروعات توپن جي سلامي ۽ فجر جي نماز دوران ملڪ جي ترقي، يڪجهتي، امن ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعائن سان ڪئي وئي.

رات جا 12 وڄندي ئي سڄي ملڪ ۾ جشنِ آزادي جون تقريبون شروع ٿي ويون، ملڪ جا شهر، گهٽيون ۽ پاڙا سبز هلالي پرچم جي رنگن سان سينگارجي ويا.

ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، پشاور، ڪوئيٽا ۽ ملتان سميت مختلف شهرن ۾ چراغان ۽ شاندار آتشبازي ڪئي وئي، جڏهن ته شهري جشنِ آزادي ملهائڻ لاءِ وڏي انگ ۾ روڊن تي نڪري آيا ۽ مختلف هنڌن تي ريليون ڪڍيون ويون.

لاهور ۾ گريٽر اقبال پارڪ ۽ لبرٽي چوڪ تي شاندار آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويو، جتي شهرين جو وڏو انگ آزاديءَ جو جشن ملهائڻ ۽ آتشبازي ڏسڻ لاءِ موجود هو.

- Advertisement -

حيدرآباد ۾ به رات جا 12 وڄندي ئي مختلف هنڌن تي آتشبازي ڪئي وئي، جڏهن ته شهري جشنِ آزادي ڀرپور انداز ۾ ملهائڻ لاءِ روڊن تي نڪري آيا.

ملتان ۾ ضلعي انتظاميا طرفان 14 آگسٽ جي جشن جي سلسلي ۾ گهنٽا گهر چوڪ تي آتشبازي ڪئي وئي، جنهن کي ڏسڻ لاءِ شهرين جو وڏو انگ اتي پهچي ويو.

لاهور ۾ جشنِ آزادي جي شروعات تي 21 توپن جي سلامي ڏني وئي، جڏهن ته فجر جي نماز دوران ملڪ جي ترقي، يڪجهتي، امن ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعائون گهريون ويون.

ڪوئيٽا ۾ به ڪينٽ ۾ 21 توپن جي سلامي ڏني وئي ۽ مسجدن ۾ فجر جي نماز دوران ملڪ جي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ خاص دعائون ڪيون ويون.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل، نيوي چيف ۽ ايئر چيف قوم کي 79هين جشنِ آزادي جون مبارڪون ڏنيون آهن.

- Advertisement -

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سمورن خطرن خلاف مادرِ وطن جي دفاع لاءِ غير متزلزل عزم برقرار آهي. پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي محافظ طور هٿياربند فوجون ملڪ جي دفاع لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪن ٿيون.

آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان جي بانيان جو ويزن ۽ اصول قوم کي ملڪ جي نظرئي ۽ قدرن تي قائم رهڻ لاءِ مسلسل متاثر ڪن ٿا.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته قوم سان گڏ متحد ٿي هٿياربند فوجون امن ۽ استحڪام جي تحفظ لاءِ ثابت قدم رهنديون.

- Advertisement -
Share This Article
Leave a Comment