هالا (عامر علي انڙ) هالا جي ڳوٺ سلطان سهتو جي رهواسڻ پرڻڻيل عورت مبينا طور بليڪ ميلنگ، حراسان ڪرڻ ۽ ناجائزين خلاف هالا پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو ۽ اختيارين کان تحفظ ۽ انصاف جي اپيل ڪئي.
هالا پريس ڪلب ۾ صحافين آڏو دانهن ڪندي ياسمين سهتو الزام لڳايو ته ڳوٺ گل سهتو جو رهواسي وسيم سهتو سندس موبائل فون هيڪ ڪري، اَي آءِ ٽيڪنالاجي ذريعي سندس جعلي نازيبا وڊيوز ۽ تصويرون تيار ڪري سوشل ميڊيا تي ڦهلائڻ جون ڌمڪيون ڏئي کيس مبينا طور بليڪ ميل ڪري رهيو آهي.
هن دعويٰ ڪئي ته ڪجهه ڏينهن اڳ وسيم سهتو مبينا طور هٿياربند ساٿين سان گڏ سندس مائٽن جي گهر ۾ زبردستي داخل ٿيو ۽ کيس تشدد جو نشانو بڻائي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن بابت ڀٽ شاهه ٿاڻي تي ڪيس پڻ داخل ڪرايو ويو آهي.
عورت جو الزام آهي ته پوليس پاران اڃا تائين جوابدار خلاف اثرائتي ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي.
ياسمين سهتو آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي مٽياري کان مطالبو ڪيو ته الزامن جي شفاف جاچ ڪرائي، مبينا جوابدار خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ کيس تحفظ فراهم ڪري انصاف ڏياريو وڃي.


