وزيراعظم شهباز شريف جي صدر آصف زرداري سان ملاقات

2 Min Read

اسلام آباد  ( ويب ڊيسڪ )  وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ايوانِ صدر ۾ صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ٿي، جنهن دوران وزيراعظم صدر کي يومِ آزادي جي مبارڪباد ڏني.

ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزيرِ داخلا محسن نقوي، پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان ۽ سينيٽر شيري رحمان پڻ موجود هئا.

وزيراعظم صدر کي مڪي مڪرمہ ۾ سعودي عرب، ترڪي ۽ پاڪستان وچ ۾ ٿيل تاريخي ٽه طرفي امن معاهدي بابت آگاهه ڪيو. صدر آصف علي زرداري دفاعي سهڪار، علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ معاهدي تي مؤثر عملدرآمد جي اميد ظاهر ڪئي.

صدر زرداري سعودي عرب، ترڪي ۽ پاڪستان وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط تزويري ڀائيواري ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي ڪوششن کي ساراهيو.

ملاقات دوران دهشتگردي خلاف ڪاررواين ۾ پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پيشوراڻي صلاحيتن کي خراج تحسين پيش ڪندي ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي واري عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.

صدر موجوده علائقائي صورتحال کي نظر ۾ رکندي عوام کي معاشي مشڪلاتن مان رليف ڏيڻ، ضروري شين جي بنا رڪاوٽ فراهمي ۽ مناسب اگهن تي دستيابي يقيني بڻائڻ لاءِ مؤثر قدم کڻڻ تي پڻ زور ڏنو.

Share This Article
Leave a Comment