مورو: (رپورٽ: علي دوست سولنگي) دريا خان مري جي صحافي ارباب مري خلاف مبينا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ، حراسان ڪرڻ ۽ گهر تي چڙهائي خلاف مورو سٽي پريس ڪلب پاران احتجاج ڪيو ويو.
مظاهري جي اڳواڻي سٽي پريس ڪلب جي صدر محمد امين چوهاڻ ڪئي، جنهن ۾ صحافين ۽ سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي.
مظاهرين چيو ته ٽائون ڪاميٽي چيئرمين دريا خان مري مبينا ذاتي رنجش سبب ارباب مري خلاف مسلسل ڪيس داخل ڪرائي رهيو آهي ۽ ڪالهه چوٿين ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي.
هنن لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڪيسن جي غيرجانبدار جاچ ڪرائي، صحافي کي حراسان ڪرڻ جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ صحافين کي آزاداڻي طريقي سان ڪم ڪرڻ لاءِ محفوظ ماحول فراهم ڪيو وڃي.


