تيل جا اگهه وري اڳ جيان هفتي يا 15 ڏينهن ۾ مقرر ڪرڻ جي تجويز

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين ملڪ خدا بخش چيو آهي ته تيل اگهن ۾ روزاني تبديلي جي معاملي تي وزيراعظم کي نئين سمري اماڻي وئي آهي.

ڪراچي ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته هاڻي جنگي صورتحال ۾ گهٽتائي آئي آهي، ان ڪري تيل اگهه 7 يا 15 ڏينهن بعد مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي.

ان کان اڳ پي پي ڊي اي جي هڙتال جي ڌمڪي بعد حڪومت ڊيلرز جو مارجن هڪ رپيو 34 پيسا وڌائي ڇڏيو هو، هاڻي مجموعي مارجن 10 رپيا ٿي ويو آهي، ان کانپوءِ ايسوسيئيشن هڙتال ملتوي ڪري ڇڏي هئي.

Share This Article
Leave a Comment