حيدرآباد: (ذاڪر لغاري) وومين ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ جي ڪمپلين سيل جي انچارج نسرين پليجو جي بروقت ڪارروائي سان شادي جي بهاني پاڪستان آندل مبينا طور قيد ڪيل انڊونيشين ناري بازياب ٿي وئي.
انڊونيشين ناري اندا مرلين ميسيج ذريعي وومين ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ کي شڪايت ڪئي هئي ته کيس شادي جي بهاني پاڪستان گهرائي قيد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سندس پاسپورٽ ۽ ٻيا قانوني دستاويز پڻ کسيا ويا آهن.
نسرين پليجو معاملي بابت نسيم نگر ٿاڻي کي درخواست ڏني، پر پوليس پاران ڪارروائي نه ٿيڻ بعد سيشن ڪورٽ سان رابطو ڪيو ويو. عدالت جي حڪم تي پوليس اڄ ناري کي بازياب ڪرائي ورتو، جيڪا هن وقت وومين پوليس اسٽيشن حيدرآباد ۾ موجود آهي.
نسرين پليجو چيو ته قانون سڀني لاءِ برابر آهي، عورتن کي حراسان ڪرڻ يا غيرقانوني طور قيد رکڻ وڏو ڏوهه آهي. هن چيو ته عورتن جي تحفظ ۽ ڀلائي لاءِ وومين ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ هر وقت موجود آهي، جڏهن ته اهڙن ڪيسن ۾ پوليس کي به مڪمل سهڪار ڪرڻ گهرجي.


