اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير اطلاعات عطاءُالله تارڙ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر سحر ڪامران سان ملاقات ڪري اسٽينڊنگ ڪميٽي اجلاس دوران پيش آيل واقعي تي معذرت ڪئي، جنهن بعد معاملو حل ٿي ويو.
ملاقات ۾ شازيه مري، قادر پٽيل، سائره افضل تارڙ ۽ شرميلا فاروقي پڻ موجود هئا. ٻنهي اڳواڻن پارلياماني روايتن ۽ گڏيل احترام کي اوليت ڏيندي تڪرار ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.
ياد رهي ته 21 جولاءِ تي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس دوران عطاءُالله تارڙ ۽ سحر ڪامران وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي هئي، جنهن بعد سحر ڪامران احتجاج طور اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيو هو.


