Focus with Zardari

ڀارت رڳو دستاويزي فلمون ٺاهي ناڪامي کي ڪاميابي ۾ نٿو بدلائي سگهي: آءِ ايس پي آر

2 Min Read

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر ڀارت جي نام نهاد ”آپريشن سندور“ بابت دستاويزي فلم کي هٿ ٺوڪيو ۽ حقيقتن جي ابتڙ پروپيگنڊا قرار ڏئي ڇڏيو.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته بالي ووڊ انداز جون ڊرامائي فلمون ٺاهڻ ۽ حقيقتن کي چٿڻ سان ڀارتي فوج جي شڪست کي فتح ۾ نٿو بدلائي سگهجي. اداري موجب فلم ۾ انٽرويوز کي ڪٽي، جذباتي بيانين ۽ سنسني خيز منظرڪشي ذريعي هڪ هٿ ٺوڪي ڪهاڻي پيش ڪئي وئي آهي.

آءِ ايس پي آر موجب فلم ۾ ”100 سيڪڙو مشن ڪاميابي“ جي دعويٰ حقيقتن ۽ جنگي رڪارڊ جي ابتڙ آهي. پاڪستان ڀارتي جارحيت کي ناڪام بڻايو ۽ ڀارت جا 8 فوجي جهاز ڪيرائڻ سان گڏ 26 ڀارتي فوجي هدفن کي نشانو بڻايو.

آءِ ايس پي آر چيو ته جنگبندي ٻنهي ملڪن جي ڊي جي ايم اوز وچ ۾ رابطي ۽ اتفاق سان ٿي، تنهن ڪري ان کي ڀارت جي يڪطرفي فتح قرار ڏيڻ درست ناهي. فلم حقيقتن تي ٻڌل فوجي تجزيو نه، پر ڀارتي عوام لاءِ تيار ڪيل پروپيگنڊا آهي.

- Advertisement -

اداري خبردار ڪيو ته پاڪستان امن ۽ استحڪام لاءِ پرعزم آهي، پر ڪنهن به نئين فوجي مهم جوئي جو سخت جواب ڏنو ويندو.

Share This Article
Leave a Comment