نوشهرو فيروز (محمد عادل عباسي) ٺاروشاهه ڀرسان درٻيلو جي ڳوٺ ڪريم داد سيال ۾ مبينا زهريلو کير پيئڻ سبب رٽائرڊ فوجي راحب سيال جا ٻه معصوم پٽ فوت ٿي ويا.
فوت ٿيل ٻارڙن ۾ ڇهن ورهين جو رضوان سيال ۽ اٺن ورهين جو ريحان سيال شامل آهن. وارثن موجب ٻارڙن رات جو کير پيئڻ کانپوءِ طبيعت خراب ٿيڻ ۽ پيٽ ۾ تڪليف جي شڪايت ڪئي، جنهن بعد کين فوري طور تعلقه اسپتال ڪنڊيارو منتقل ڪيو ويو، جتي ٻنهي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي.
وارثن ۽ مقامي ذريعن جو خدشو آهي ته کير ۾ ڪِرڙي ڪرڻ سبب اهو زهريلو ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻارڙن جي طبيعت خراب ٿي ۽ سندن موت واقع ٿيو. واقعي کانپوءِ گهر ۾ ڪهرام ۽ علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي.


