بابر اعظم انجري سبب انگلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ کان ٻاهر، سلمان آغا ٽيم جي قيادت ڪندو

2 Min Read

ليڊز  ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم انجري سبب انگلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ کان ٻاهر ٿي ويو آهي، جڏهن ته سندس جاءِ تي سلمان آغا ٽيم جي قيادت ڪندو.

پاڪستان ريڊ بال ٽيم جي هيڊ ڪوچ سرفراز احمد ليڊز ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پهرين ٽيسٽ ميچ لاءِ بابر اعظم دستياب ناهي. ميڊيڪل ٽيم سندس انجري جو جائزو وٺي رهي آهي ۽ اميد آهي ته بابر اعظم ٻي ٽيسٽ ميچ لاءِ دستياب هوندو.

سرفراز احمد وڌيڪ چيو ته پاڪستان پريڪٽس ميچ کٽي چڪو آهي، جنهن سان ٽيم جو اعتماد وڌيو آهي. اسان کي پوري اميد آهي ته ٽيم سٺو پرفارم ڪندي.

هن چيو ته اڃا فيصلو ڪيو ويندو ته ڪهڙي ڪمبي نيشن سان ميدان ۾ لهڻو آهي. محمد عباس انهن حالتن ۾ پاڪستان لاءِ اهم بالر ثابت ٿيندو، جڏهن ته شان مسعود پهرين ٽيسٽ لاءِ مڪمل طور فٽ آهي. سمورن رانديگرن وڏي محنت ڪئي آهي.

سرفراز احمد چيو ته بابر اعظم پهرين ٽيسٽ ۾ حصو نه وٺي رهيو آهي، پر هو فارم ۾ آهي. سعود شڪيل سميت ٻيا بيٽرز به سٺو پرفارم ڪري رهيا آهن ۽ اميد آهي ته مڊل آرڊر بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندو.

هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن بابر اعظم موجود هجي ها ته مختلف ڪمبي نيشنز ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ها. اهم رانديگر جي غير موجودگي يقيناً هڪ ڌڪ آهي، پر سمورا رانديگر پراعتماد آهن.

Share This Article
Leave a Comment