استادن جا اعتراض رد، تعليم کاتي پاران فريم سسٽم سموري صوبي ۾ لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

1 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ تدريسي ۽ غير تدريسي عملي جي حاضري کي وڌيڪ شفاف ۽ مؤثر بڻائڻ لاءِ چهري جي سڃاڻپ تي ٻڌل فريمس حاضري نظام جي پائلٽ ٽيسٽ 90 سيڪڙو ڪاميابي سان مڪمل ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.

اسڪول ايجوڪيشن کاتي موجب فريمس جي پائلٽ ٽيسٽ ڪراچي ايسٽ، حيدرآباد، نوشهروفيروز، جيڪب آباد، عمرڪوٽ ۽ گھوٽڪي ضلعن ۾ ڪئي وئي، جيڪا هاڻي ڪاميابي جي آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي.

تعليم کاتي جو چوڻ آهي ته پائلٽ ٽيسٽ دوران سامهون آيل لڳ ڀڳ 10 سيڪڙو معمولي نوعيت جي فني مسئلن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، جن کي فوري طور حل ڪرڻ جو عمل جاري آهي.

اسڪول ايجوڪيشن کاتي موجب سمورن فني مسئلن جي خاتمي ۽ پائلٽ مرحلي جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ نظام سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ باقاعده طور لاڳو ڪيو ويندو.

تعليم کاتي جو موقف آهي ته چهري جي سڃاڻپ تي ٻڌل نظام سان سرڪاري اسڪولن ۾ استادن ۽ غير تدريسي عملي جي حاضري وڌيڪ مؤثر، شفاف ۽ قابلِ نگراني بڻجي سگهندي.

Share This Article
Leave a Comment