نوشهرو فيروز (محمد عادل عباسي) نوشهروفيروز جي شهر ٺاروشاهه ڀرسان محبت جي شادي جي معاملي تان گذريل ڏيڍ سال کان هلندڙ خوني تڪرار جو فيصلو ڀورٽي ۾ ٿيل جرڳي دوران ڪيو ويو.
جرڳي ۾ ٻنهي ڌرين تي مختلف قتلن ۽ زخمي ٿيڻ جي واقعن بابت مجموعي طور 2 ڪروڙ 30 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته محبت جي شادي ڪندڙ نوجوان خان محمد مستوئي تي 60 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو.
جرڳي جي سربراهي پيپلز پارٽي اڳواڻ طارق انور سيال، علي شير ڀٽ، سردار حاڪم خان نوحاڻي ۽ ايم پي اي ممتاز علي چانڊيو ڪئي.
فيصلي کانپوءِ ٻنهي ڌرين قرآن پاڪ تي حلف کڻي هڪٻئي سان صلح ڪري ورتي ۽ هڪٻئي خلاف داخل ڪيس ختم ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. جرڳي دوران پوليس جي وڏي نفري پڻ مقرر ڪئي وئي هئي.


