گهوٽڪي: قومي شاهراهه تي ٽرڪ جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، نوجوان فوت

1 Min Read

گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي ويجهو لادلو ٿاڻي جي حد ۾ مهيسرو اسٽاپ ڀرسان قومي شاهراهه تي ٽرڪ جي موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

حادثي ۾ ڳوٺ هدايت الله عارباڻي واسي نوجوان شفيق عارباڻي فوت ٿي ويو، جڏهن ته عامر عارباڻي زخمي ٿي پيو.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي جو مڙهه ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪرايو. ضروري ڪارروائي بعد فوتي جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته زخمي عامر عارباڻي کي طبي امداد ڏيڻ بعد وڌيڪ علاج لاءِ سکر ريفر ڪيو ويو.

پوليس ٽرڪ ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرڪ تحويل ۾ وٺي ڇڏي آهي، جڏهن ته حادثي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment