ملير: پورٽ قاسم جي نجي مل خلاف ٺيڪيدار ۽ مزدورن جو احتجاج

2 Min Read

ملير: (شاهد ڇڄڙو) پورٽ قاسم ۾ قائم نجي آصف رائس مل جي مبينا زيادتين خلاف ٺيڪيدار رفيع محمد، ليبر يونين اڳواڻ نويد سولنگي ۽ سندس ڀاءُ جمشيد ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير پهچي احتجاج ڪيو ۽ پريس ڪانفرنس ڪئي.

رفيع محمد صحافين کي ٻڌايو ته آصف رائس مل انتظاميا بنا جواز سندس ٺيڪو ختم ڪري ساڻس ناانصافي ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ هن ماڻهن کان ڪروڙين رپيا قرض وٺي ڪمپني جي ڪم ۾ لڳايا، جنهن جو سمورو رڪارڊ موجود آهي.

هن دعويٰ ڪئي ته هو 3 سالن کان ڪمپني اندر ڪم ڪري رهيو هو، پر 30 جولاءِ 2026 تي بنا ڪنهن سبب جي 1 ڪروڙ 87 لک رپيا واجبات ادا ڪرڻ بدران کيس گهر ڀيڙو ڪيو ويو.

رفيع محمد موجب واجبات نه ملڻ سبب 400 کان وڌيڪ مزدور سخت معاشي پريشاني جو شڪار آهن ۽ ڪيترن ئي گهرن جا چُلها وسامي ويا آهن.

هوڏانهن ايسوسيئيشن آف پورٽ قاسم ليبر يونين جي اڳواڻ نويد سولنگي چيو ته مزدورن جا جائز حق ڏيارڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا ڪمپني انتظاميا سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر بااثر انتظاميا مزدورن سان ڳالهين لاءِ تيار ناهي.

هن الزام لڳايو ته سنڌ حڪومت جو ليبر کاتو به 400 مزدورن جي روزگار ۽ واجبات واري معاملي تي خاموش آهي.

مظاهرين مطالبو ڪيو ته ڪمپني انتظاميا مزدورن جا واجبات ادا ڪري ۽ مسئلو حل ڪري. هنن خبردار ڪيو ته انصاف نه مليو ته آصف رائس مل جي مک دروازي آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.

Share This Article
Leave a Comment