ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ پاران ميرپورخاص ضلعي ۾ سيڪنڊري اسڪول ٽيچرز (SST) گريڊ 16 جي مبينا جعلي ڀرتين ۽ غيرقانوني طور پگهارون وصول ڪرڻ واري معاملي ۾ اهم ڪارروائي ڪئي وئي آهي.
سرڪاري پڌرنامي موجب معاملي جي جاچ لاءِ جوڙيل انڪوائري ڪميٽي جي سفارشن کانپوءِ 6 سيڪنڊري اسڪول ٽيچرز جي ڀرتين جو رڪارڊ جاچ هيٺ آندو ويو، جنهن بعد لاڳاپيل آفيسرن کي سندن بلاڪ آءِ ڊيز فوري طور بند ڪرڻ، پگهارن جي ادائيگي روڪڻ ۽ اڳ ۾ وصول ڪيل پگهارون واپس وٺڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
جاچ ۾ شامل ملازمن ۾ مير فهد علي، انيل ڪمار، شاهه رخ خان، زاهد علي، ارشد علي ۽ مس عابده پروين شامل آهن.
تعليم کاتي جي جاري ڪيل پڌرنامي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڄاڻايل ملازمن جي ڀرتين بابت شڪايتن ۽ مبينا بي ضابطگين جي جاچ کانپوءِ انڪوائري ڪميٽي سفارشون پيش ڪيون، جن جو جائزو وٺڻ بعد کاتي پاران سندن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو.


