ايران سان واپار ڪندڙ ملڪن خلاف به معاشي قدم کڻنداسين: آمريڪي ناڻي وارو وزير

1 Min Read

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)  آمريڪي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ ايران خلاف سخت ترين پابنديون لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته تهران سان واپار جاري رکڻ وارن ملڪن خلاف به آمريڪي ڪارروائي ڪئي ويندي.

آمريڪي نشرياتي اداري موجب اسڪاٽ بيسنٽ چيو ته آمريڪا ايران خلاف تاريخ جون سخت ترين پابنديون لاڳو ڪرڻ وڃي رهيو آهي، جن جو مقصد ايراني حڪومت جي پراڪسي گروهن ذريعي ڪارروايون ڪرڻ جي صلاحيت کي محدود ڪرڻ آهي.

هن چيو ته جيڪڏهن ڪو ملڪ ايران سان واپار جاري رکڻ تي اصرار ڪندو ته آمريڪا ان خلاف به قدم کڻندو.

Share This Article
Leave a Comment