کٽمنڊو (ويب ڊيسڪ) نيپال ۽ چين جي سرحدي علائقي ۾ گليشيئر جو حصو ٽٽڻ کانپوءِ آيل اوچتي ٻوڏ ۽ مٽيءَ جي وڏي وهڪري تباهي مچائي ڇڏي آهي.
رپورٽن موجب نيپال ۽ چين جي تبت واري علائقي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 165 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته اٽڪل 1500 ماڻهو گم آهن. گم ٿيلن ۾ 800 کان وڌيڪ پرڏيهي شهري به شامل آهن.
ٻوڏ نيپال جي راسوا ضلعي ۽ چين جي تبت واري گيرونگ علائقي کي سخت متاثر ڪيو. پاڻي ۽ مٽيءَ جي تيز وهڪري ڪيترائي گهر، روڊ، پل ۽ بجلي جا منصوبا تباهه ڪري ڇڏيا.
شروعاتي طور تي خدشو هو ته ٻوڏ زلزلي سبب آئي، پر آمريڪي جيولوجيڪل سروي جي تجزيي موجب رڪارڊ ٿيل زلزلي جهڙو سگنل اصل ۾ گليشيئر جي ٽٽڻ ۽ برف ۽ پٿرن جي وڏي وهڪري سبب پيدا ٿيو.
متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن، پر جبلن وارو ڏکيو علائقو، خراب موسم ۽ وڌيڪ مٽيءَ جي وهڪرن جو خطرو امدادي ٽيمن لاءِ وڏو چئلينج بڻيل آهي.


