پاڪستان ۽ ڪويت وچ ۾ دفاعي سهڪار وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق

2 Min Read

پاڪستان ۽ ڪويت وچ ۾ دفاعي سهڪار وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق

راولپنڊي  ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ ڪويت تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي مضبوط، ڊگهي مدي واري ۽ گڏيل فائدن تي ٻڌل دفاعي ڀائيواري ۾ تبديل ڪرڻ واري عزم کي ورجائي ڇڏيو آهي.

آءِ ايس پي آر موجب ڪويت جي بچاءَ واري وزير شيخ عبدالله علي عبدالله السالم الصباح جي اڳواڻي ۾ وفد راولپنڊي ۾ چيف آف ڊفينس فورسز ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير سان جنرل هيڊڪوارٽرز ۾ ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سلامتي ۽ ٻطرفي دفاعي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ڌرين ادارتي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ دفاعي تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.

ڪويتي وفد پاڪستاني هٿياربند فوجن جي پيشوراڻي صلاحيتن، آپريشنل ڪارڪردگي ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ خدمتن کي ساراهيو.

ٻئي طرف پاڪستان ۽ ڪويت وچ ۾ ’پروٽوڪول معاهدو 2026‘ پڻ صحيح ٿيو، جنهن سان 2023ع جي دفاعي سهڪار واري معاهدي تحت ٻنهي ملڪن وچ ۾ فوجي تعاون وڌيڪ وسيع ٿيندو.

معاهدي تحت پاڪستان جون هٿياربند فوجون ڪويت کي فوجي تربيت، صلاحيت وڌائڻ، سرحدي انتظام ۽ دفاعي تعاون جي ٻين گڏيل طور تي طئي ڪيل شعبن ۾ مدد فراهم ڪنديون.

Share This Article
Leave a Comment