ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان کي ٽن ڏينهن اندر قطر مان ٻيو ايل اين جي ڪارگو ملي ويو آهي، جيڪو جمعي ڏينهن پورٽ قاسم پهتو.
حڪومت ايران سان تڪرار سبب علائقائي سپلاءِ ۾ ممڪن رنڊڪن ۽ بجلي جي وڌندڙ کوٽ کان بچڻ لاءِ قدم تيز ڪري ڇڏيا آهن.
اختيارين موجب هڪ لک 60 هزار ڪيوبڪ ميٽر پاڻياٺ قدرتي گيس کڻي ايندڙ جهاز محزم پورٽ قاسم ۾ پاڪستان گيس پورٽ ڪنسورشيم لميٽيڊ جي ٽرمينل ون تي لنگر انداز ٿيو.
ان کان اڳ 13 مئي تي الخريطيّات نالي ڪيو فليڪس ايل اين جي جهاز اينگرو ايل اين جي ٽرمينل تي پهتو هو.

ٽن ڏينهن اندر قطر مان پاڪستان کي ٻيو ايل اين جي ڪارگو ملي ويو
Leave a Comment Leave a Comment

