ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 7 سيڪڙو تائين وڃي سگهي ٿي: گورنر اسٽيٽ بينڪ

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گورنر اسٽيٽ بينڪ جميل احمد چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي وڌڻ جي شرح 7 سيڪڙو تائين وڃي سگهي ٿي.
ڪراچي چيمبر کي خطاب ڪندي جميل احمد چيو ته هلندڙ مالي سال جي پهرين نون مهينن دوران معاشي واڌ 3.7 سيڪڙو رهي، جڏهن ته مهانگائي جي شرح 7 سيڪڙو تائين وڃڻ جو امڪان آهي.
هن چيو ته ايندڙ مالي سال جي ٻئي اڌ ۾ مهانگائي گهٽجڻ شروع ٿيندي، جڏهن ته جون 2028ع تائين ايس ايم ايز لاءِ فنانسنگ 1500 ارب رپين تائين وڌائي ويندي.
گورنر اسٽيٽ بينڪ موجب قرضن جو ڪاٿو به وڌايو ويو آهي، اندروني قرض وڌيو آهي جڏهن ته ٻاهرين قرضن ۾ گهٽتائي آندي وئي آهي.
سندس چوڻ هو ته برآمد ۾ گهٽتائي عالمي حالتن سبب ٿي آهي ۽ هلندڙ مالي سال جا برآمدي هدف 2 ارب رپيا گهٽ رهيا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته نون ڪرنسي نوٽن تي ڪم جاري آهي ۽ حڪومت کان منظوري جو عمل به هلي رهيو آهي.

Share This Article
Leave a Comment