اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ناروي جي پرڏيهي وزير ايسپن بارٿ ايڊي ملاقات ڪئي، جنهن دوران دهشتگردي جي خاتمي، غيرقانوني اميگريشن جي روڪٿام، پوليس ٽريننگ ۽ باهمي قانوني معاونت سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
ملاقات ۾ افغانستان جي صورتحال ۽ اتي موجود پابندي مڙهيل تنظيمن جي سرگرمين تي پڻ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
محسن نقوي چيو ته افغانستان جي سرزمين مسلسل پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان دنيا ۽ دهشتگردي جي وچ ۾ ڀت بڻجي بيٺو آهي، جڏهن ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ سمورن ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.


