اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي آئيني عدالت بلوچستان جي اڳوڻن چيف سڪريٽرين ۽ سندن بيواهن کي تاحيات اضافي مراعتون ڏيڻ وارو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏيندي چيف سڪريٽري بلوچستان جي اپيل خارج ڪري ڇڏي آهي.
جسٽس عامر فاروق پاران جاري ڪيل چئن صفحن تي مشتمل حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته قانون جي خلاف ڪيل هر حڪومتي قدم بي جواز هوندو آهي. ريٽائرڊ آفيسرن يا سندن گهرڀاتين کي اهڙيون مراعتون ڏيڻ جي قانون ۾ ڪا به گنجائش موجود ناهي.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ واضح ڪيو ته ريٽائرمنٽ کانپوءِ پينشن ۽ ٻيون مراعتون صرف قانون موجب ئي ڏئي سگهجن ٿيون، مراعتن بابت قاعدا ۽ قانون ٺاهڻ جو اختيار صرف فنانس ڊپارٽمينٽ وٽ آهي.
عدالت قرار ڏنو ته ناڻي واري وزير يا چيف سڪريٽري کي اهڙو ڪو به اختيار حاصل ناهي ته هو پنهنجي مرضيءَ سان مراعتون منظور ڪن.
حڪمنامي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته وڏي وزير پاران اضافي مراعتن جي منظوري به قانون جي خلاف آهي، ڇاڪاڻ ته آئين صرف انهن قدمن جي اجازت ڏئي ٿو جيڪي قانون جي دائري ۾ هجن.
ياد رهي ته بلوچستان حڪومت اڳوڻن چيف سڪريٽرين ۽ سندن بيواهن کي تاحيات مراعتون ڏنيون هيون، جنهن کي بلوچستان هائيڪورٽ اڳ ئي غير قانوني قرار ڏئي چڪي هئي. صوبائي حڪومت هائيڪورٽ جي ان فيصلي خلاف وفاقي آئيني عدالت ۾ اپيل داخل ڪئي هئي، جيڪا هاڻ رد ڪئي وئي آهي.


