دوحه (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ قطر جي ٽياڪڙي سان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.
دوحه ۾ ٽياڪڙن ٻنهي ملڪن جي وفدن سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، جن ۾ مفاهمتي يادداشت تي عملدرآمد ۽ ايندڙ ڳالهين بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
عرب ميڊيا موجب ڳالهين دوران ايران جا منجمد 3 ارب ڊالر جاري ڪرڻ تي به اتفاق ٿيو.
قطر جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڳالهين جو ايندڙ اجلاس ايران جي اڳوڻي سپريم ليڊر جي آخري رسمن کانپوءِ ٿيندو.
هوڏانهن آمريڪي سفارتڪارن جو چوڻ آهي ته ڳالهين ۾ سنجيدگي نظر اچي رهي آهي جڏهن ته ايران دفاعي صلاحيتن، ميزائل ۽ ڊرون پروگرام کي ٻيهر ڳالهين ۾ شامل نه ڪرڻ واري موقف جو عزم ڪيو آهي.


