گمبٽ(ممتاز ميمڻ) ٽنڊي مستي ڀرسان ڳوٺ ڊاڙون خان جتوئي ۾ زمين جي معاملي تان ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ڪهاڙين ۽ لٺين سان حملي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ مردن سميت ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.
زخمين ۾ فدا، نوابزادي ۽ فهميده شامل آهن، جن کي ٽنڊو مستي پوليس ليٽر جاري ڪري علاج لاءِ خيرپور اسپتال منتقل ڪيو، جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي.
زخمي ڌر الزام هنيو آهي ته مٿن حملو غلام فريد، رشيد، قادر، رفيق احمد، بهادر، شميم، عرفان، علي مردان، بختيار احمد، اسحاق ۽ ٻين ڪيو.


