رياض: (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيح ٿيڻ جي خوشي ۾ سعودي عرب جي مختلف اهم عمارتن ۽ ٽاورن کي ٽنهي ملڪن جي قومي جهنڊن جي رنگن سان روشن ڪيو ويو.
سعودي سرڪاري خابرو اداري موجب، مختلف شهرن ۾ روشنيءَ جي هن سجاوٽ ذريعي تاريخي معاهدي تي عوامي خوشي جو اظهار ڪيو ويو.
سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪي گذريل ڏينهن مڪي شريف جي قصرالصفا ۾ گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪيون، جنهن تحت ڪنهن هڪ ملڪ تي هٿياربند حملو ٽنهي ملڪن خلاف حملو تصور ڪيو ويندو.
معاهدي جو مقصد ٽنهي ملڪن جي گڏيل سلامتي کي مضبوط ڪرڻ، علائقائي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ گڏيل سهڪار وڌائڻ ۽ محفوظ مستقبل لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ آهي.
سعودي عمارتن تي ٽنهي ملڪن جا جهنڊا روشن ڪرڻ واري قدم کي سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن، تاريخي رابطن ۽ اسلامي يڪجهتي جي علامت قرار ڏنو ويو آهي.


