گمبٽ: (ممتاز ميمڻ) صوبائي تڪ پي ايس 30 تي اڄ چونڊ ٿي رهي آهي، جنهن لاءِ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن. پ پ اميدوار اسفنديار کرل، ٽي ايل پي جي محمد موسىٰ ٻرڙو ۽ آزاد اميدوار ايڊووڪيٽ غلام علي اڄڻ ۽ سيد تصور مهدي وچ ۾ مقابلو آهي.
مختلف سياسي جماعتن طرفان چونڊ جي بائيڪاٽ سبب ووٽر ٽرن آئوٽ گهٽ رهڻ جو امڪان آهي. ڊي آر او عبدالواحد بلوچ مختلف پولنگ اسٽيشنن جو دورو ڪري انتظامن جو جائزو ورتو.
ڊي آر او عوام کي بنا خوف ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.


