خالده عرف روبينا چانڊيو قتل ڪيس، نئين ايف آءِ آر داخل ڪرڻ واري درخواست رد

2 Min Read

گمبٽ ( رپورٽ: ممتاز ميمڻ ) ٽنڊو مستي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل ناري خالدہ عرف روبينا چانڊيو جي قتل ڪيس ۾ نئين ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ داخل ڪرايل درخواست عدالت رد ڪري ڇڏي.

خيرپور جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج لياقت علي کوسو جي عدالت ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل ناري خالدہ عرف روبينا چانڊيو جي قتل واري واقعي بابت نئين ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ مسمات شبنم چانڊيو پاران داخل ڪرايل درخواست رد ڪري ڇڏي.

عدالت ۾ مسمات شبنم چانڊيو طرفان سي آر پي سي جي سيڪشن 22-A ۽ 22-B تحت درخواست داخل ڪئي وئي هئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته 10 اپريل 2026ع تي نامزد جوابدارن خالدہ عرف روبينا چانڊيو کي مبينا طور گهر مان زبردستي کڻي وڃي قتل ڪيو، جڏهن ته پوليس سندس فرياد تي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو.

درخواست جي ٻڌڻي دوران عدالت آڏو پوليس رڪارڊ پيش ڪيو ويو، جنهن مان معلوم ٿيو ته واقعي بابت ٽنڊو مستي ٿاڻي تي اڳ ئي ايف آءِ آر نمبر 82/2026 داخل ٿيل آهي ۽ پوليس طرفان ڪيس جي جاچ جاري آهي. جاچ دوران ڪجهه نامزد جوابدارن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آهي.

عدالتي حڪم موجب جاچ دوران هڪ جوابدار طرفان ڏوهه ۾ ملوث هجڻ بابت اعترافي بيان پڻ رڪارڊ ڪرايو ويو آهي. جڏهن ته واقعي جي موبائل فون ذريعي ٺاهيل هڪ وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي، جنهن ۾ ايف آءِ آر ۾ نامزد ڪجهه جوابدار مبينا طور سڃاڻپ لائق نظر اچن ٿا.

عدالت پنهنجي حڪم ۾ قرار ڏنو ته ساڳئي واقعي بابت ٻي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي درخواست قانوني طور برقرار رکڻ جوڳي ناهي. عدالت موجب ٻي ايف آءِ آر جي درخواست جاري جاچ کي متاثر ڪرڻ سان گڏ اصل جوابدارن کي فائدو پهچائڻ جي ڪوشش پڻ محسوس ٿئي ٿي.

عدالت سمورا رڪارڊ ۽ موجوده جاچ جي صورتحال سامهون رکندي درخواست کي بي بنياد قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو.

Share This Article
Leave a Comment