خيرپور: ٽرالر موٽرسائيڪل سوار کي چيڀاٽي ڇڏيو، نوجوان فوت

0 Min Read

خيرپور(شڪيل جانوري)  قومي شاهراه تي ڪرم آباد وٽ تيز رفتار ٽرالر موٽرسائيڪل سوار کي چيڀاٽي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.

حادثي کانپوءِ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي جو لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو.

پوليس موجب فوتي جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته حادثي بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

Share This Article
Leave a Comment